رُونا ليليٰ
Wikipedia طرفان
رُونا ليليٰ (بنگالي: রুনা লায়লা) بنگلاديشِي اوريجن جي مقبول گائڪه آهي. جيتوڻيڪ پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ سندس شهرت پاپ سانگس جي ڪري آهي، مگر باقي ڏکڻ ايشيا ۾ هوءَ تمام سٺي غزل گو گائڪه طور سڃاتي ويندي آهي. هن بنگلاديش، ڀارت ۽، بنگلاديش جي آزاديءَ کان اڳ پاڪستان ۾ ڪيترين ئي فلمن لاءِ گيت ڳاتا آهن. هوءَ پنهنجي ڳاتل ڌمال "دمادم مست قلندر"، جي ڪري پڻ مشهور آهي، جيڪا ڪيترن ئي گائڪن ڳاتي آهي.
سنڌ ۾ سندس مقبوليت جو سبب طالب الموليٰ جو ڪلام آهي، جيڪو ڳائي رونا ليليٰ سنڌ جي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون. رُونا ليليٰ سنڌي فلمي گيت پڻ ڳاتا آهن.
[edit] ذاتي زندگي
رُونا ليليٰ ٻه شاديون ڪيون آهن. هن ٻي شادي 2006ع ۾ بنگالي اداڪار عالمگير سان ڪئي. رونا ليليٰ جي ڀيڻ دينا ليليٰ پڻ گائڪه هئي، جنهن پڻ سنڌي گيت ڳاتا آهن.
[edit] اعزازات
- بنگلاديش
- يوم آزادي اوارڊ،
- قومي فلم اوارڊ, بنگلاديش (ٻھ ڀيرا)
- هند
- سهگل اوارڊ، ڀارت
- پاڪستان
- نگار اوارڊ (ٻه ڀيرا)، پاڪستان
- Critics Award
- Graduate Award (twice)
- موسيقيءَ جي قومي ڪائونسل سونو ٻِلو